شاعرانه موتي

شاعرانه موتي

شاعرانه موتي

شاعرانه موتي (ڪتاب): مختلف شاعرن جي چونڊ ڪلام تي مشتمل هن ڪتاب جا مرتب: ڪشن چند گلاب سنگهه گدواڻي ۽ ٺاڪرسنگهه دياسنگهه ڪيسواڻي آهن. هن ڪتاب ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سامي، سچل سرمست، ديوان ليلارام وطڻ مل خاڪي، مير عبدالحسين سانگي، دلپترام سيوهاڻي، آخوند گل محمد هالائي، تولارام مينگهراج ٻالاڻي، بيدل، بيڪس، روحل فقير، مرزا قليچ بيگ، ڪشنچند بيوس، نواز علي نياز جعفري، سوڀراج نرملداس فاني، ميان محمد حسين غلام، ٺاڪرسنگهه دياسنگهه، منشي لالچند مجروح، ڀائي ڌرمداس وغيره شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ترتيب ڏيندڙن لکيو آهي. ڪتاب جي آخر ۾ ڀلنامو ڏنل آهي. 68 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز جو هي ڪتاب ڀارت اليڪٽرڪ پريس حيدرآباد مان 1927ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت ست آنا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو